وڪرم شهاڻي

وڪرم شهاڻي: هندستان جو نامور سنڌي اداڪار ۽ هدايتڪار وڪرم شهاڻي 21 مئي 1954ع تي خيرپور ميرس سنڌ ۾ ڄائو. ورهاڱي بعد سندس والدين هندستان هليا ويا. جتي احمدآباد ۾ رهائش پذير ٿيا. وڪرم جي تعليم بي. اي آهي. هن ڪيترن ئي سنڌي، هندي توڙي گجراتي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪري پاڻ مڃايو. سندس مشهور ناٽڪن ۾: ‘ٻوڙا اچي مڙيا’، ‘هيلٿ سينٽر’، ‘انڌير نگري’، ‘راهو ڪيوَ’، ‘چورن مٿان مور’، ‘قاتل ڪون’ ۽ ‘پاڳل’ باقي ‘اتهاس’، ‘اڪبر بادشاهه’ ۽ ‘ڪرڻ ڀار’ قابل ذڪر آهن. سندس ڪيترائي سنڌي ناٽڪ آل انڊيا ريڊيو تان وقت بوقت نشر ٿيا. سندس ٻه ڊراما: ‘پيغام’ ۽ ‘سنگيت’ نهايت قبول ٿيا. هن ڊرامن ۾ ڊپلوما پڻ ڪئي، جنهن ۾ فرسٽ ڪلاس آيو. هن هندستان ۾ ‘رس ڪلا’ نالي ٿيٽر جو بنياد وڌو، جنهن جو پاڻ جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. وڪرم سنڌي ٻوليءَ لاءِ هندستان ۾ پاڻ ملهايو ۽ ڊرامن ذريعي سنڌي ٻوليءَ کي هٿي ڏني.


هن صفحي کي شيئر ڪريو